اسان تي ڏکيو وقت آيو ته سنڌي قوم چُپ آهي:صنعان قريشي

0
831

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي عدالت ۾ پيشي دوران چيو تھ بابا ۽ چاچا سنڌ لاءِ شهادت ڏني، اسان تي ڏکيو وقت آيو ته سنڌي قوم چُپ آهي، حوصلا بلند آهن، آخري پساهه تائين سنڌ جي حقن لاءِ جنگ جوٽينداسين، آئون ڪو چور يا ڌاڙيل ناهيان جو گهر تي چڙهائي ڪري بدمعاشي ڪئي وئي، جسقم چيئرمين طرفان ايس ايس پي ملير ۽ حد جي ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو، عدالت ٻاهران ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي صنعان قريشي چيو ته سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري واٽ تي هلون ٿا، پوءِ به ڪارروائيون ڪيون ويون، ڌرڻي دوران هنگاما ڪندڙن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو ۽ اڄ به حملن جي مذمت ڪريون ٿا، فون ڪري گهرايو وڃي ها، تڏهن به پيش ٿيان ها، گهرن تي ائين چڙهايون ٿيون جو ڄڻ دهشتگرد هجان، حراست دوران بدترين تشدد ڪيو ويو، گهرن تي چڙهائين ۽ بدمعاشي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، بڪتر بند گاڏي ۾ ويٺل صنعان قريشي طرفان وڪيلن ۽ ڪارڪنن سان ڪچهري دوران ٽهڪڙا لڳايا ويا.