ڪراچي (نمائندن وٽان)  خيرات نه ٿا گهرون، جِن جي ڪري هي سڀ ڪجهه ٿيو آهي، اُنهن جي ذميواري آهي ته مدد ڪن، اسان کي 15 لک خيمن جي ضرورت آهي، پر ساڍا 4 لک کان وڌيڪ خيما نه مليا، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه رتوديرو، ميرو خان ۽ ڏوڪري ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي، چيو آهي ته سنڌ ۾ تربيلا جهڙن 20 ڊيمن جيترا وسڪارا ٿيا آهن، درياهه جي ساڄي پاسي ڪشمور کان منڇر ۽ سيوهڻ تائين رڳو درياهه نظر ايندو، ماڻهن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته پاڻي ڪڍڻ ۾ وقت لڳندو، پاڻي کي منڇر ذريعي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي، امدادي سامان من پسند ماڻهن کي ملڻ جون ڳالهيون غلط آهن، راشن ڏينهن جو نه، پر رات جو ورهايو ويندو آهي، 2010ع جي ٻوڏ ۾ به رات جو راشن ورهايو هو.مراد علي شاهه چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ  تباهي سنڌ ۾ ٿي آهي، هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل تباھ ٿيڻ سان گڏ شهرن توڙي ڳوٺن ۾ لکين گهر ڊهي پيا آهن جنهن ڪري سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ڪروڙن جي تعداد ۾ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن وڏي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ سرڪار برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ انهن جي بحالي لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي ۽ متاثرن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته نصيراباد ۾ رائيس مل ۽ ميروخان ۾ فلورمل تي ڇاپن وارين وڊيوز ۽ خبرن ۾ صداقت  ناهي، هن چيو ته هي وقت متاثرن جي مدد ڪرڻ جو آهي تنهن ڪري غلط خبرون هلائي ماڻهن کي پريشان ۽ گمراهه نه ڪيو وڃي.