قمبر ( رپورٽر) وڏي وزير قمبر باءِ پاس تي ويٺل  ٻوڏ متاثرن سان ملڻ بعد ٽينٽ سٽي اچڻ بدران  لاڙڪاڻي هليو ويو.ضلعي انتظاميا طرفان قمبر – وڳڻ روڊ تي ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ وڏي وزير جو پروگرام رکيو ويو هو،خيمن ۾ ويٺل متاثرن کي راشن ۽ پيئڻ جو پاڻي ڏنو ويو، صفائي به ڪرائي وئي هئي. انتظاميا طرفان مختلف کاتن جا عملدار پڻ ڄاڻايل هنڌ تي پهتل هئا، وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار بيهاري روڊ رستا بند ڪيا ويا هئا، وڏي وزير جي آمد سبب ميڊيڪل ڪئمپ به لڳائي وئي هئي.وڏي وزير قمبر باءِ پاس تي ٻوڏ متاثر ڪٽنب کي نئين ڄاول ٻار جون مبارڪون ڏنيون ۽ انهن سان چانهن به پيتي.