رتوديرو (ن پ ا ) وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه رتيديري جي مني اسٽيڊيم ۾ قائم ٻوڏ ۽ برسات متاثر جي  ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو، ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل ٻوڏ ۽ برسات متاثرن وڏي وزير آڏو احتجاج ڪندي  راشن ۽ ٽينٽ نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون جنهن تي وڏي وزير انتظاميا مٿان پنهنجي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هدايتون جاري ڪندي چيو ته متاثرن کي فوري طور سهولتون ڏئي انهن کي گهربل سامان مهيا ڪري ڏنو وڃي