ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ڀرسان اوستا محمد ۾ ٻن خونن جو جرڳو ، ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ٿيل نوجوان جو خون لوڙھيو ويو، ھڪ سال اڳ ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ٿيل نوجوان عبدالغفار عمراڻي ۽ پلاند ۾ قتل ٿيل محمد خان عمراڻي جي قتل جو جرڳو محمد زمان عمراڻي جي سرپئنچي ھيٺ ٿيو، جرڳي ۾ محمد خان عمراڻي کي پلاند ۾ بيگناهه قتل ڪرڻ جا 30 لک، حاجي محمد عمراڻي کي زخمي ڪرڻ جا 7 لک ۽ پوليس چڙھائي جا 7 لک، مجموعي طور 44 لک ڏنڊ مقتول عبدالغفار عمراڻي جي ڌر مٿان رکيو ويو. واضع رھي ته ھڪ سال اڳ غلام حيدر عمراڻي ۽ حاجي محمد عمراڻي جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن معاملي تان تڪرار شروع ٿيو ھو، جوابدارن ڪارنھن الزام ھيٺ نوجوان عبدالغفار عمراڻي کي گھر ويندي قتل ۽ سندس ڀاءُ آغا عمراڻي کي زخمي ڪيو هو، مقتول جي ڀائرن سندس پلاند ۾ سجاول جوڻيجو ڀرسان محمد خان عمراڻي کي قتل ڪيو ھو ۽ فائرنگ ۾ حاجي محمد عمراڻي زخمي ٿيو ھو، محمد خان عمراڻي جي قتل ڪيس ۾ مقتول عبدالغفار عمراڻي جي گرفتار ڀاءُ حبيب الله عمراڻي کي عدالت طرفان ڦاھي جي سزا آيل آھي، فيصلي بعد ٻنھي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو.