ميرپورخاص (رپورٽر) ميرپورخاص لڳ سانگھڙ روڊ تي ميرپورخاص واسي پورھيت بلاول شيخ زخمي حالت ۾ موٽرسائيڪل سميت روڊ تي پيل هٿ آيو. اطلاع بعد کيس ايمبولينس ملي نه سگهي، جنهن کي رڪشي ۾ اسپتال پھچايو ويو، جتان طبي امداد بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. زخمي پورھيت رستي ۾ نيئندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن جو مڙهه پنهنجي گھر آندو ويو، سندس گھر ۾ ڪھرام متل آھي. ٻئي طرف سندس ڀاءُ جو چوڻ ھو ته صبح جو گھران پنهنجي ڳوٺ ھنڱورنو وڃڻ لاءِ موٽرسائيڪل تي نڪتو جيڪو زخمي حالت ۾ مليو جيڪو اسپتال نيئندي فوت ٿي ويو، وڌيڪ زخمي ٿيڻ جي حوالي سان ڪا به خبر ناھي، ٻئي طرف پراڻي ميرپور پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان موٽرسائيڪل تان ڪري زخمي ٿيو ھو سندس موٽرسائيڪل به ملي آھي وڌيڪ ان معاملي جي جاچ ڪريون پيا پر وارثن ڪارروائي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي.