چڪ (ن پ ا) چڪ لڳ ڳوٺ ڊرٻ ٽانوري ۾ ٽانوري برادري جي ٽن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو وزيرآباد ۾ جي ڊي اي ايم اين اي غوث بخش مهر جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، جنهن ۾ رضا محمد ٽانوري واري ڌر جي ست سال اڳ قتل ٿيل نادر علي عرف ڪانگل ٽانوري جو خون ٻن ڌرين علي حيدر ۽ اڪبر ٽانوري مٿان ثابت ٿيڻ تي مٿن گڏيل طور 15 لک ڏنڊ وڌو ويو، ڏنڊ جي رقم ٻئي ڌريون اڌو اڌ ڀرينديون، گلشير ٽانوري تي مقتول ڪانگل جي زال سان ڪارنهن ثابت ٿيڻ تي 5 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. مجموعي طور تي ڏنڊ 20 لک مقرر ٿيو، هوڏانهن ڪجھه سال اڳ بجلي جي ڪرنٽ ۾ فوت ٿيل اصغر ٽانوري جو قتل ڄاڻائي الزام رضا محمد ۽ اڪبر واري ڌر تي لڳايو ويو هو، جيڪو چڱن مڙسن جي شاهدي بعد ڪنهن تي به ثابت نه ٿي سگهيو. نبيري ۾ ٽانوري برادري جي چڱن مڙسن شاهد ٽانوري، غلام مصطفيٰ ٽانوري، ڪريم ڏنو بڊاڻي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. ڏنڊ جي رقم ادا ڪرڻ بعد فريادي ڌر کي ڪيس تان هٿ کڻڻ جو پابند بڻايو ويو.