ڳڙهي خيرو ( ن پ ا ) ڳڙهي خيرو ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران يوسي الله آباد مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ پنھنجا نوازي خلاف گل مصطفيٰ جمالي ۽ باسط بروھي جي اڳواڻي ۾ بيگاري پل تي ڌرڻو ھنيو ويو. اڳواڻن چيو ته يوسي الله آباد مان پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو، فصل جي پوکائي به متاثر ٿي رھي آھي،هنن گهر ڪئي ته يوسي الله جي ڳوٺن ۽ زمينن مان پاڻي نيڪال ڪرائي متاثرن جي سھائتا ڪئي وڃي.