لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور يونين ڪائونسل آگاڻي، عاقل، ڦل ۽ ٻين يونين ڪائونسل جو دورو ڪري مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن ۽ آبادگارن سان ملاقات ڪئي، جتي آبادگارن ڊپٽي ڪمشنر آڏو شڪايتون ڪندي چيو ته ٻن مهينن کان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري اسين ربيع جو فصل پوکي ناهيون سگهيا.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ضلعي انتظاميه متاثرن جي واهر کان پوءِ بحالي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ دوري تي نڪتل آهيان، ان لاءِ پهرين مرحلي ۾ لاڙڪاڻو ۽ رتوديرو تعلقو ان بعد باقراڻي ۽ ڏوڪري تعلقن جا دورا ڪندس.