اسلام ڪوٽ (ن پ ا) سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني ۽ ٿر فائونڊيشن نيو سينهري درس ماڊل ڳوٺ جي 172 گهراڻن کي سالياني معاوضي واري قسط جاري ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڳوٺ الهڏنو حجام جي 16 گهراڻن کي پڻ معاوضي جي پهرين قسط ادا ڪئي وئي، معاوضي ورهاست واري تقريب اسلام ڪوٽ ڀرسان نيو سينهري درس ماڊل ڳوٺ جي اسڪول جيوڻ داس اينگرو ڪيمپس ۾ ٿي، تقريب کي خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر اسلام ڪوٽ اختر لاشاري، سبين شاهه ۽ ٻين چيو ته معاوضي وارن چيڪن جي ورهاست ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مقامي ماڻهن کي سندن حق ملي رهيا آهن، هي ڳوٺاڻا ٿر ڪول جا متاثر نه پر منصوبي مان لاڀ حاصل ڪندڙ تسليم ڪيا ويا آهن، هنن چيو ته نيو سينهري درس ڳوٺ ۾ انساني گهرجن کي نظر ۾ رکندي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، جن ۾ تعليم، صحت، راندين جا ميدان، ڪميونٽي سينٽر، مارڪيٽ، مسجد، مندر سميت 172 گهراڻن کي 11 سئو گز تي مشتمل بهترين گهر شامل آهن، جڏهن ته 172 گهراڻن کي ساليانو هڪ لک رپيا معاوضو پڻ ادا ڪيو پيو وڃي، جيڪو سلسلو 2019 کان جاري آهي.