ڳڙهي حسن (ن پ ا) باھو کوسو لڳ چوري الزام ھيٺ گرفتار جوابدار ٿاڻي مان ھٿڪڙين سميت فرار، پوليس ۾ ٿرٿلو، ان ڏس ۾ ڳڙھي حسن سرڪي ٿاڻي مان ھڪ ڏينھن اڳ ٻوڏ متاثرين جي سولر پليٽن جي چوري واري الزام ھيٺ گرفتار علي رضا بروھي ھٿڪڙين سميت ٿاڻي مان فرار ٿي ويو، جنھن بعد پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي، پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي شروع ڪري ڇڏي پر فرار ٿيل جوابدار هٿ نه اچي سگهيو. ٻي طرف فريادي  مگسي عرف بابو بروھي ٻڌايو ته پوليس رشوت عيوض گرفتار ٿيل جوابدار علي رضا فرار ڪرايو آهي.