لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن سميت دادو ضلعي جي 2 تعلقن ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه جي ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ وارو معاملو، سينيئر وڪيل سرفراز خان جتوئي، ايڊووڪيٽ رفيق ابڙو، يوسي چيئرمين عبدالحفيظ سامٽيو ۽ ٻين طرفان داخل پٽيشن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊبل بئنچ جسٽس شمس الدين عباسي ۽ جسٽس امجد علي سهتو ڪئي، جتي آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري سهيل احمد قريشي، ڪمشنر جي گهنور علي لغاري، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، ڊپٽي ڪمشنر دادو، پنجن ئي ضلعن جا ڊي ايچ اوز، اين ايچ اي سميت لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري سهيل احمد قريشي عدالت کي ٻڌايو ته 19 لک زرعي زمين ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو هو هن وقت تائين 8 لک ايڪڙ مان پاڻي نيڪال ڪرائي چڪا آهيون ۽ هن وقت به برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو ويو وڃي ان تي عدالت آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته 8 ڏينهن ۾ انڊس هاءِ وي کي بحال ڪرڻ سميت قمبر شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو، خيرپورناٿن شاهه ۽ ٻين علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرايو. عدالت ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران روڊ ڀڳل ٽٽل آهي ۽ شهر اندر گندگي آهي جتي صفائي سٿرائي ۽ ٽريفڪ جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي. اهڙا حڪم جاري ڪرڻ بعد عدالت ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي طلب پڻ ڪري ورتو آهي.