پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار) پنوعاقل مان گھوٽڪي ويندي گم ڄاڻايل ٽن نوجوانن جي اغوا جي تصديق، ڌاڙيلن پاران 50 لک رپيا ڀنگ طلب، رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوين کي قتل ڪري لاش علي واھڻ واري بند وٽ ڦٽي ڪرڻ جي ڌمڪي. خبر موجب پنوعاقل مان گھوٽڪي ويندي گم ڄاڻايل ٽن نوجوانن وقار ڪٽو ، توفيق ڪٽو ۽ خورشيد احمد ڪٽو جو اغوا جي تصديق ٿي وئي آھي. ڌاڙيلن ٽنهي مغوين جي وارثن کان سندن آزادي عيوض 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آھي. ھڪ مغويءَ جي وارثن سان ڳالهه ٻول واري آڊيو سامھون اچي وئي، جنهن ۾ مغوي نوجوانن وارثن کي چئي رهيو آهي ته کين ڌاڙيلن اغوا ڪيو آھي ۽ 50 لک ڀنگ گھري رھيا آھن، ڌاڙيلن ڌمڪي ڏني آهي ته اهي ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ اسان کي ماري علي واھڻ بند تي لاش اڇلائي ويندا. مغوي وارثن کي چئي رھيو آھي ته وڌيڪ ڌاڙيل منير مصراڻي سان رابطو ڪيو. ٻي پاسي مغوين جي وارثن جو چوڻ آھي ته پوليس سندن ڪا به مدد نه پئي ڪري. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي مغوي نوجوانن کي بازياب ڪرايو وڃي.