حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڀٽ شاهه ۾ قائما يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز ۾ مبينا طور ڪرپشن ۽ غيرقانوني ڀرتين خلاف جاچ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ حيدرآباد ۾ قائم خصوصي عدالت جي جج انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي چيئرمين ۽ حيدرآباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي 15 مارچ 2023ع تي پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز ڀٽ شاهه ۾ مبينا طور ڪرپشن، غيرقانوني ڀرتين ۽ بيضابطگين بابت مٽياري جي ڳوٺ الله بخش جهنڊاڻي لڳ صاحب سما جي رهواسي محمد زاهد کوسي سڌي ريت اينٽي ڪرپشن کاتي سنڌ ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ حيدرآباد ۾ قائم خصوصي عدالت ۾ درخواستون داخل ڪرايون آهن. ڄاڻايل شخص جي درخواست تي ڪرپشن جي خاتمي واري خصوصي عدالت جي جج نه رڳو ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ حيدرآباد پر خود چيئرمين انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ کي به پنهنجي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.