ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس پاران مهينو اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل نوجوان مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، پوليس پاران ڪچي جي دراني مهر واري علائقي ۾ ڏوهارين سان مقابلي دوران رحيم يار خان واسي عاشق حسين چانڊيو کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي.پوليس موجب ته ڌاڙيل مغوي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪن پيا ته ان وقت ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو. ڏوهاري  پوليس کي ڏسي مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا. هوڏانهن ذريعن موجب مغوي ڊيل تحت بازياب ٿيو آهي،مغوي جي بازيابي تي گهر ۾ خوشي جو ماحول ڇائنجي ويو،