گھارو( ن پ ا) گھارو  ٽائون ڪاميٽي گھارو جو ملازم سليمان شيخ سوزوڪي جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو  آهي. ان ڏس  ۾ ٽائون ڪاميٽي گھارو جي سامھون سوزوڪي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سليم پنھور  ۽ سليمان شيخ  زخمي ٿي پيا  زخمين مان ھڪ ٽائون ڪاميٽي جي واٽر سپلائي جي انچارج   سليمان شيخ  کي ڪراچي نيو ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ٻئي طرف  گھارو پوليس سوزوڪي کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو سوزوڪي ڊرائيور فرار ٿي ويو.