جاتي(ن پ ا)جاتي ويجهو يوسي گل محمد ٻارڻ جي ڳوٺ محمد عيسا ٻارڻ  ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ويل 7 ورهين جي ٻارڙي نصيبان ڌيءَ حبيب ٻارڻ پاڻي ڀرڻ دوران کوھ ۾ ڪري فوت ٿي وئي ٻارڙي ٻڏي فوت ٿيڻ جو اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي وڏي ڪوشش بعد معصوم ٻارڙي جو لاش کوھ مان ڪڍيو جنهن بعد لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،ٻي طرف ڳوٺاڻن چيو ته پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ هجڻ ڪري ڳوٺ ڀرسان پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي هٿن سان کوھ کوٽيو هو جنهن مان پاڻي ڀرڻ لاءِ ويل معصوم نياڻي نصيبان ٻڏي فوت ٿي وئي آهي.