ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ وڌيڪ مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا، ايس ايس پي اولهه ڊاڪٽر فرخ رضا  موجب اورنگي ٽائون جي چاندني چوڪ وٽ جوابدارن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ ٻئي جوابدار مارجي ويا، سندن قبضي مان هٿيار، گوليون ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي موجب مارجي ويل جوابدارن جا لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا، سندن سڃاڻپ جو عمل جاري آهي