نيويارڪ(م ڊ) گڏيل قومن، هيومن رائٽس واچ ۽ ايمنيسٽي انٽرنيشنل لاهور ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي تشدد ۽ هڪ ڪارڪن جي فوت ٿيڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. گڏيل قومن جي نمائندي چيو ته ڪارڪن جي حياتي کسجڻ واري واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي. ٻئي طرف انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنيسٽي انٽرنيشنل پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت لاهور ۾ احتجاج تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي جنهن لاءِ بيٺيڪيت دور جي ڪاري قانون جو سهارو ورتو ويو آهي. جڏهن ته عالمي تنظيم هيومن رائٽس واچ به تشدد جي مخالفت ڪندي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.