لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ جي ڪارڪن علي بلال جي موت جو سبب پوسٽ مارٽم ۾ سامهون اچي ويو آهي. پوسٽ مارٽم ڪنگ ايڊورڊز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال ۾ ڪيو ويو جنهن جي رپورٽ اچي وئي آهي. ابتدائي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته علي بلال جو موت تشدد ڪري ٿيو، ان جي جسم تي تشدد جا نشان هئا.