لاهور(م ڊ) پنجاب حڪومت جي ترجمان پي ٽي آءِ ڪارڪن علي بلال جي موت تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي نگران اطلاعات وزير عامر مير چيو ته بلال جي موت جي جاچ لاءِ پوليس جاچ ٽيم جوڙي آهي ان جي رپورٽ سان سموريون حقيقتون پڌريون ٿينديون. هن چيو ته بلال کي ٻن ڄڻن اسپتال پهچايو ۽ چيو ته هي زخمي آهي جڏهن ڊاڪٽرن ڏٺو ته هو مري چڪو هو. هن چيو ته هن معاملي ۾ ڪافي شڪ شبها آهن انهن ٻنهي ڄڻن جي سڃاڻپ ڪرڻي آهي، سندن گاڏي سي سي ٽي وي فٽيج ۾ سامهون آئي آهي ان ڪري ان جي جاچ به ٿي رهي آهي ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي پر ان کي ميڊيا سان شيئر نه ٿو ڪري سگهجي.