لاهور(م ڊ) لاهور ۾ گذريل ڏينهن جي وڳوڙن ۽ پرتشدد واقعن جو عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، مارجي ويل پي ٽي آءِ ڪارڪن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، موت جي جاچ لاءِ پوليس جي ڪاميٽي جوڙي وئي. مليل ا طلاعن موجب لاهور ۾ گذريل ڏينهن جي وڳوڙن ۽ پرتشدد واقعن جو عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڊي ايس پي راءِ ونڊ جي فرياد تي  داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته هٿياربند ماڻهن سميت ٽي چار سئو ماڻهن تي ٻڌل جٿي وڳوڙ ڪيا. جٿي ۾ شريڪ ماڻهو قومي سلامتي جي ادارن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا هئا، عمران خان، حسان نيازي، فرخ حبيب، فواد چوڌري، حماد اظهر ۽ ٻين جي چوڻ تي پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ادارن کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا. ايف آءِ آر موجب پي ٽي آءِ جي مڇريل ماڻهن پوليس تي پٿراءُ ڪيو ۽ ڏنڊا هنيا، جنهن جي نتيجي ۾ 13 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار زخمي ٿي پيا، پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي پٿراءَ ۾ هنن جا پنهنجا 6 ڪارڪن به زخمي ٿيا. ٻئي طرف قتل ڪيل پي ٽي آءِ جي ڪارڪن علي بلال عرف ضل شاهه جي موت جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي. جڏهن ته علي بلال جي جنازي نماز ڪالهه ادا ڪئي وئي جنهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن حماد اظهر، شفقت محمود ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.