اسلام آباد (م ڊ) پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پاران رياستي ادارن خلاف سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي تي هلندڙ مهم جو سختي سان نوٽيس ورتو ويو، قانونسازي جو فيصلو ڪيو پيو وڃي، پي اي سي چيئرمين نور عالم خان چيو ته پاڪستان خلاف جيڪا به ويب سائيٽ هلي ٿي ان کي بند ڪيو وڃي. هن چيو ته ان حوالي سان قانونسازي جي هدايت ڪئي آهي.