نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل افغان طالبان کان عورتن جي خلاف کنيل قدم فوري طور تي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل افغانستان ۾ گڏيل قومن لاءِ ڪم ڪندڙ عورتن تي پابندي لڳائڻ جي متفقه طور تي مذمت ڪئي آهي ۽ فوري طور تي عورتن خلاف کنيل قدم واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سلامتي ڪائونسل افغان طالبان جي قدمن کي عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن جي خلاف قرار ڏنو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل عرب رياستن ۽ جاپان طرفان ان حوالي سان هڪ ٺهراءُ گڏيل قومن ۾ جمع ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ عورتن تي لڳايل پابندين کي گڏيل قومن جي تاريخ ۾ بيمثال قرار ڏنو ويوآهي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته طالبان جا اهي قدم انساني حقن ۽ انساني اصولن کي ڪمزور بڻائي رهيا آهن جڏهن ته ٺهراءَ ۾ افغان سوسائٽي ۾ عورتن جي ڪردار کي اڻٽر قرار ڏنو ويو آهي. گڏيل قومن ۾ يو اي اِي جي سفير ان حوالي سان چيو ته 90 کان وڌيڪ ملڪن اسان جي ٺهراءَ جي حمايت ڪئي آهي جنهن ۾ افغانستان جي گھڻن ويجهن پاڙيسرين سوڌو مسلم ملڪ ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. هن چيو ته اها شيءِ بنيادي پيغام کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿي ته دنيا افغانستان ۾ عورتن جي ڪردار کي ختم ڪرڻ تي خاموش نه ويهندي.