ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪورونا وائرس دوران گريڊ 17 ۾ ڀرتي ڪيل ڊاڪٽرن کي پڪو ڪرڻ بابت ڊاڪٽر نزاڪت ۽ ٻين جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت شروعاتي ٻڌڻي کانپوءِ درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت فيصلي ۾ چيو ته درخواست گذارن جو وڪيل عدالت کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو، درخواست گذارن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو هو ته ڪرونا دوران درخواست گذارن کي صحت کاتي ۾ گريڊ 17 ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو، اهڙي ئي هڪ درخواست سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ پبلڪ سروس ڪميشن کي اماڻي چڪي آهي، درخواست گذارن جو ڪيس به سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي اماڻيو وڃي۔