گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ فني خرابي سبب سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون

0
318

ڪراچي (نمائندن وٽان) گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ فني خرابي سبب سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ٿي ويو آھي،  پاور هائوس جي 600 ميگاواٽ جي سوئچ يارڊ ۾ فني خرابي سبب بجلي پيدا ڪندڙ سمورا يونٽ بند ٿي ويا آھن

ڪراچي سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ بجلي فراهمي معطل، ملتان، ڪوٽ ادو، فيصل آباد سميت پنجاب جي مخلتف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آھيPakistan power outage partially restored Pakistan blackout | World News – India TV

بلوچستان جي علائقي ڊيرا الهيار، ڊيرا مراد جمالي ۽ ٻين علائقن جي به بجلي بند ٿي وئي آھي،  انتظاميا جو چوڻ آهي ته فني خرابي کانپوءِ بجلي جي بحالي لاءِ آپريشن جاري آهي

ھي به پڙھندا

ڪراچي: بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس روڪڻ جي حڪم ۾ واڌ