والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ختم ٿيڻ تائين امن قائم نٿو ٿي سگهي: وزيراعظم

0
208
والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ ملڪ جي 3 ڪروڙ عوام کي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي وڏو چئلنج آهي،  موسمياتي تبديلين پاڪستان کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي

قازقستان جي راڄڌاني آستانه ۾ سيڪا سربراهي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته گلوبل وارمنگ سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالرز جو نقصان رسيو آهي، ڀارت سان پر امن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون

The Latest Kashmir Conflict Explained | United States Institute of Peace

وزير اعظم شھباز شريف چيو ته با مقصد ڳالهين جي ذميواري ڀارت تي لاڳو ٿئي ٿي، پاڪستان کي افغان صورتحال سبب گهڻو نقصان ڀوڳڻو پيو،

وزيراعظم شھباز شريف جو چوڻ ھو تھ اڄ به 40 لک افغان پناهگير پاڪستان ۾ ترسيل آهن، ڀارت ڪشميرين کي حق ڏيڻ کان انڪاري آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي  بربريت ختم ٿيڻ تائين امن قائم نٿو ٿي سگهي

ھي به پڙھندا

آرمي چيف جي مقرري تي ڪنهن جي به نه ٻُڌو: چوڌري شجاعت جو وزير اعظم کي مشورو