گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي لڳ مڙس پاران گهرو اڻبڻت تان عورت تي فائرنگ، عورت زخمي ، نواب شاهه اسپتال ۾ داخل، واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ گپچاڻي ڀرسان ڳوٺ فيض الدين شاهه راشدي ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس رياض شاهه پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي گهر واري 35 سالن جي مسمات فاطمه کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي جو گپچاڻي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. گپچاڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي عورت کي نواب شاهه اسپتال پهچايو جنهن جو آپريشن ڪري سندس زندگي بچائي وئي، ٻئي پاسي زخمي عورت جي ڀاءُ سيد دلاورشاهه جي فرياد تي گپچاڻي ٿاڻي تي عورت جي مڙس رياض شاهه ۽ احمد علي شاهه خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. هوڏانهن ايس ايچ او گپچاڻي رابطي تي ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي عورت کي اسپتال منتقل ڪرايو آهي، کيس کاٻي ٽنگ ۾ گوليون لڳيون آھن مامري جي وڌيڪ جاچ ڪيون ٿا جوابدار گهر ڇڏي فرار ٿي ويو آھي کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو.