سن (ن پ ا) سن انڊس ھاءِ وي تي موٽر سائيڪل ۽ ڪار ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، ڪار جامشورو کان سيھوڻ طرف وڃي رھي ھئي ته سن انڊس ھاءِ وي تي روڊ جي ڪٽ وٽان ڪراس ڪرڻ جي نتيجي ۾ واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ قبي جا رھواسي عمران خاصخيلي ۽ پنھل برھماڻي سخت زخمي ٿي پيا جن کي موٽر وي پوليس ۽ رھواسين سن اسپتال پھچايو جتي زخمن جا سور نه سھندي 22سالن جو عمران پٽ ھوت خاصخيلي فوت ٿي ويو پنھل پٽ لونگ خان برھماڻي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ان کي سن اسپتال ۾ طبي آمداد ڏئي حيدرآ باد رفر ڪيو ويو آ ڪار کي سن ايٽ ڇڇر پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.