گھارو (ن پ ا) گھارو ويجھو سلطان آباد لڳ مين نيشنل هاءِ وي تي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب سوزڪي ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ ھڪ عورت فوت ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوت ٿيل عورت جي سڃاڻپ مسمات سلمه سولنگي طور ٿي آهي، جڏهن ته ذوھيب، عابد، مقبول، امتياز ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي ماڻهن پاران اسپتال منتقل ڪيو ويو.