ڪراچي (رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ميگا شهر ڪاري جي نالي ۾ سنڌ جي تاريخ مٽجڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته بحريا ٽائون انتظاميا سنڌ سرڪار سان گڏجي ڪوهستان ۾ سنڌ جي تاريخي سان هٿ چوراند پئي ڪري، بحريا ٽائون انتظاميا جا بلڊوزر قديمي ماڳ، ڳوٺ، مسجدون ،مندر ۽ تاريخي قبرستانن کي لتاڙي رهيا آهن، جيڪا سنڌ جي تاريخ جي لتاڙ آهي، جنهن خلاف جدوجهد جي شروعات ڪنداسين، جيڪا بحريا ٽائون انتظاميا جي رستا روڪ تائين جاري رهندي،