ملير (رپورٽر) بحريا ٽائون اتنظاميا طرفان ڳوٺاڻن تي چڙهائي ۽ ڳوٺاڻن جي سروي زمينن تي قبضو ڪرڻ خلاف سنڌ انڊيجينس رائٽس الائنس پاران 23 مئي 2021ع تي ملير جي علائقي ڪاٺوڙ هادي بخش گبول ڳوٺ ۾ رٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس جي تياري لاءِ جوڙيل ڪاميٽي جي گڏجاڻي ميمڻ ڳوٺ ملير ۾ خالق جوڻيجو جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ ڪاميٽي جي ميمبرن سيد خدا ڏنو شاهه، گل حسن ڪلمتي، پروفيسر رخمان گل پالاري، حفيظ بلوچ، الاهي بخش بڪڪ ۽ جمن حمائتي شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جدوجهد کي سموري سنڌ ۾ وسيح ڪرڻ لاءِ بحريا ٽائون اتنظاميا خلاف جدوجهد ڪندڙ 21 سياسي پارٽين، 16 مزدور تنظيمن، سماجي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن، صحافين ۽ متاثر ڳوٺن جي رهواسين کي دعوتون ڏنيون وينديون، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ ۽ زمينون کسي ڌارين کي تيزي سان سان سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته بحريا ٽائون جو منصوبو سنڌ جي وجود تي خطرناڪ وار آھي، جنهن لاءِ گڏيل، مضبوط ۽ مستقل جدوجهد جي ضرورت آھي.