ڪراچي (ن پ ا) گيسٽرو ۽ مليريا وگهي مختلف هنڌن تي وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، خبر موجب فريدآباد ۾ سپريو بند تي ويٺل 2 ٻوڏ متاثر گيسٽرو ۽ مليريا سبب فوت ٿي ويا، فوتين ۾ ڳوٺ قائم جتوئي واسي نوجوان خير محمد بروهي ۽ ڳوٺ سيدپور واسي پورهيت محمد علي چانڊيو شامل آهن، مانجھند ويجهو لاکڙا ڪول مائينز واسي 6 ورھين جي نويدان ڌيءُ نجيب الله پنجاڻي کوسو گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي، ٺاروشاهه ويجهو ڳوٺ طالب اڄڻ واسي 22 سالا هالار اڄڻ مليريا سبب فوت ٿي ويو.