ڀرياسٽي (رپورٽ: آفتاب ڪيريو) ڀرياسٽي ڀرسان زراعت کاتي جو ڊرائيور مبينا طور چوري جي الزام ۾ ڏنڊا ۽ ڇريون ھڻي بيدردي سان قتل، وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان سرڪاري ملازم هو، چور ناھي، پوليس ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، خبر موجب ڳوٺ اسحاق سولنگي جي رھواسي زراعت کاتي جي ڊرائيور ذوالفقار سولنگي کي راشد بروهي جي گهر مان چوري ڪرڻ جي الزام ۾ ڀاڳين مبينا طور ڇريون ۽ ڏنڊا ھڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ نوجوان جي ڀاءُ ڇتل سولنگي ٻڌايو ته ذوالفقار سولنگي ٽنڊو ڄام ۾ ايگريڪلچر کاتي ۾ ڊرائيور ھو، ڪالهه موڪل تي ڳوٺ آيل ھو، هن چيو ته ھو چور ناھي، اسان کي فون ذريعي اطلاع مليو ته ڳوٺ ڪمال بروھي ۾ توھان جو ڀاءُ چوري ڪندي پڪڙيو آھي، اسان سان ظلم ٿيو آھي، معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي پاسي گھر ڌڻي جي مائٽ عبدالشڪور بروھي ٻڌايو ته ذاولفقار سولنگي سان ٻه ڄڻا ٻيا به گڏ هئا، جيڪي پڻ گھر ۾ چوري جي ارادي سان داخل ٿيا ته گهر ڀاتي سجاڳ ٿي پيا، جنهن دوران اسان ذوالفقار کي پڪڙي زخمي حالت ۾ پوليس حوالي ڪيو، جتي هو مري ويو، ھن چيو ته ذوالفقار سولنگي اڳ ۾ به اسان جي چوري ڪري ويو ھو، پوليس ٻڌايو ته اسان کي اطلاع مليو ته ذوالفقار سولنگي کي ڳوٺاڻي راشد بروھي جي چوري ڪندي ڀاڳين پڪڙيو آھي، جنهن بعد پھچي کيس زخمي حالت ۾ کڻائي ڀرياسٽي اسپتال آندو، جتي هن زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، وڌيڪ جاچ بعد پتو پئجي سگھندو ته معاملو ڇا آھي، ڊاڪٽرن موجب نوجوان کي سڄي جسم تي تشدد جا نشان ھئا، کيس ڇريون ۽ ڏنڊا ھڻي قتل ڪيو ويو، ڀرياسٽي پوليس گھر ڌڻي راشد بروھي ۽ عبدالرحمان بروھي کي گرفتار ڪري ورتو آھي، نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.