دادو ( رپورٽر ) دادو ڀرسان ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان مارجي ويو، مزدورآباد پاڙي ۾ هٿياربند ڦورن پاران موٽر سائيڪل سوارن کان ڦر ڪرڻ جي ڪئي ته مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربند ڦورن پسٽل سان فائرنگ ڪري نوجوان دانش جمالي ۽ دلاور بوزدار کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي ، زخمين کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو جتي 26 سالن جو زخمي دانش پٽ عبدالرئوف جمالي زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو آهي ۽ زخمي دلاور بوزدار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال کان سيوهڻ اسپتال نيو ويو آهي ، زخمي دلاور بوزدار جو چوڻ آهي ته هو ۽ دانش جمالي موٽر سائيڪل تي هئا ته مزدورآباد پاڙي ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربند ڦر ڪرڻ جي ڪئي ، مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ڪري دانش ۽ کيس پسٽل جون سڌيون گوليون هڻي ڀڄي ويا آهن ، فائرنگ ۾ قتل ٿيل دانش جمالي جو لاش وارث گهر کڻائي پهتا ته وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو آهي ، هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل دانش رٽائر اي ايس آء عبدالرئوف جمالي جو پٽ آهي ، ٻئي طرف واقعي جو اطلاع ملڻ شرط سوين شهري اسپتال پهچي ويا.