سيوھڻ (ن پ ا) سيوهڻ ۾ آل پاڪستان واپڊا ھائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز جي مرڪزي اڳواڻ عبدالطيف نظاماڻي ۽ سيوھڻ يونين جي چئرمين سھيل پرويز ميمڻ جي نگراني ۾ ٻوڏ متاثر ملازمن ۾ رقم ۽ اجرڪ پارائڻ واري تقريب ٿي، ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران، سنڌ سان درد جو رشتو، جي سري ھيٺ سڏ کي ڀرپور موٽ ڏيندي قلندر جي نگري سيوھڻ کان اهو ڏڻ ملهائڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي. اڳواڻن عبدالطيف نظاماڻي، سھيل پرويز ميمڻ، سلطان ڀٽي،انور چانڊيو، ڄام يوسف سمون، وحيد سومرو، ايس ڊي او سوھڻ نورحسين پنھور ۽ ٻين ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي کي جس ڏيندي چيو ته ھن ڏکي گھڙي ۾ علي قاضي پاران 4 ڊسمبر وارو ڏھاڙو متاثر ماڻھن جي لاء وس وارن کي واھر ڪرڻ جي اپيل ڪرڻ واري اعلان جي اسان جي يونين آجيان ڪري ٿي ۽ ان سلسلي ۾ اسان جي سيوھڻ جي سب ڊويزن جا 43 واپڊا  ملازم به ٻوڏ متاثر ٿيا آھن جن لاء اسان جي مرڪزي قيادت پاران  روڪ رقم ۽ ثقافتي ڏھاڙي جي شروعات ڪندي کين اجرڪ جو تحفو پڻ پيش ڪيو ويو آھي ۽ اھو پڻ اعلان ڪريون ٿا ته حيسڪو ۽ سيپڪو جي برسات متاثر ملازمن کي ھڪ مھيني جي پگھار ۽  مختلف شھرن ۾ ٿيندڙ ٻوڏ متاثر ملازمن ۾ پڻ رقم تقسيم ڪرڻ واري سلسلي کي جاري رکندي ٻوڏ ۽ برساتن ۾ سندن ڊھي ويل گھرن جي تعمير لاء  بغير وياج جي  قرض ڏنو ويندو ۽ ان سان گڏ ڪيترن ئي شھرن ۾ برسات ۽ ٻوڏ ۾  ڊميج ٿيندڙ گرڊ اسٽيشنون ۽ آفيسون ٻيھر تعمير ڪرڻ لاء ڪوششون ورتيون وينديون.