گولاڙچي (ن پ ا) گولاڙچي ۾ 16 ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار متاثر، شھري روڊن تي نڪري آيا ، احتجاجي مظاھرو، خبر موجب گولاڙچي شھر ۾ حيسڪو پاران روزانه 16 ڪلاڪ ٿيندڙ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار ٺپ ٿي ويو، جڏھن ته سخت گرمي پڻ ماڻھن کي پاهه ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن ته لوڊشيڊنگ جي آزار خلاف وڏي تعداد ۾ شھري روڊن نڪري آيا. شھرين جاکرو نوحاڻي، ملڪ شوڪت اعواڻ، عمران شيخ، عيدن زندپور، مير حسن جاکرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو. مظاھرين چيو ته حيسڪو وارا غيرقانوني ڪنڍا لڳائي پئسا ڪمائي رھيا آھيان، جنھن جي ڪسر غيرقانوني سورنھن ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري عام شھرين مان ڪڍي پئي وڃي، ھنن چيو ته غيرقانوني ۽ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ ٻيھر احتجاج ڪنداسين.