رتوديرو (ن پ ا) رتوديرو ڀرسان ڳوٺ دريا خان بروهي واسي خانگي پيري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي جبل پندراڻي، عطاءُ الله، امام الدين جتڪ، زيب پندراڻي، ڪامريڊ عبدالقادر، عجب گل ساسولي ۽ ٻين چيو ته هڪ مهينو اڳ حملي جي جوابدارن جا پيرا ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ اڱڻ جعفري ۾ لڳا جتي پوليس کي ڏسي هٿياربندن فائرنگ ڪئي جنهن ۾ سرڪاري پيري بولو بروهي جو پٽ سڪندر بروهي گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو هو، هنن چيو ته هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو، هنن چيو ته عبدالنبي، فتح محمد ۽ عبدالغفور جعفري ۽ 8 اڻ سڃاتل جوابدارن مٿان گولو دڙو ٿاڻي تي ايف آءِ آر به داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪارروائي نه پئي ڪري، هنن قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.