ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ جي مصروف ترين گاھي مھيسر چوڪ عيد گاهه ڀرسان واپاري ماجد ۽ رفيق شيخ جي اٽي جي ڪارخاني تي موٽر سائيڪل سوار 3 ھٿياربندن ڪاهه ڪري ڪارخاني مالڪ ۽ مزدورن کي يرغمال بڻائي 6 لک روڪ ۽ موبائل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جي اطلاع تي ميھڙ جي اي سيڪشن پوليس پھچي تفصيل ورتا، واپاري ۽ شھري اتحاد جي اڳواڻ نياز علي ٻرڙو  پ پ پ جي چونڊيل ڪائونسلرن ايوب شيخ، رضا مھيسر، ڪارخاني جي مالڪ رفيق شيخ ۽ ميھڙ ڪلاٿ مرچنٽ ايسوسيئيشن جي صدر عبدالخالق شيخ ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته ھٿيار بند سرعام ڏوھ ڪري ھليا ٿا وڃن پر پوليس ڪاروائي نه پئي ڪري، ھنن چتاءُ ڏنو ته امن بحال نه ٿيو ته ڌرڻو هڻنداسين.