ميرپور بٺورو (ن پ ا) حيدرآباد کان خريداري بعد واپس ايندڙ بٺوري واسي واپارين رميش ڪمار، مناف کٽي ۽ ٻين کي رات دير سان شاهه ڪريم بٺورو روڊ تي هٿياربندن روڪي سامان سان ڀريل سوزوڪي ڦر ڪري فرار ٿي ويا. رابطو ڪرڻ تي واپاري رميش ڪمار ٻڌايو ته رات دير سان شاهه ڪريم ٿاڻي جي حد ۾ گتا مل اسٽاپ وٽ هٿياربندن روڪي روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪرڻ بعد ساڻس گڏ مستري مناف کٽي ۽ مزدور حڪيم رند ۽ سوزوڪي ڊرائيور جا هٿ پير ٻڌي سوزوڪي ۾ کڻي ويا ۽ ڪافي اڳتي هلڻ بعد کين جهنگ ۾ ڦٽو ڪرڻ بعد هٿياربند سامان سان ڀريل سوزوڪي ڪاهي فرار ٿي ويا. هن چيو ته سڄي رات جهنگ ۾ هلڻ بعد صبح سوير جهوڪ شريف ڀرسان ڳوٺ ۾ پناهه ورتي ۽ وارثن کي اطلاع ڪيو. ٻئي طرف اطلاع تي شاهه ڪريم پوليس پهچي جاءِ واردات جو معائنو ڪيو ۽ رپورٽ داخل ڪري ورتي.