ڀان سيدآباد (ن پ ا)گورنر پنجاب ۽ وزيراعليٰ سنڌ اڄ منڇر ڍنڍ جو دورو ڪندا،  ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪندا ۽ راشن پڻ ورهائيندا، سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، ان ڏس ۾  پنجاب جو گورنر بليغ الرحمان اڄ آچر تي منجهند جو 12 وڳي منڇر ڍنڍ جي دوري تي پهچندو، وڏو وزير سيد مرادعلي شاهه به پنجاب جي گورنر سان گڏ هوندو،گورنر  بليغ الرحمان منڇر ڍنڍ جي آر ڊي 62 تي ٻوڏ متاثرن ۾ پنجاب جي عوام طرفان راشن ورهائيندو، منڇر جي دوري بعد يونين ڪائونسل جعفرآباد جي ڳوٺ قادربخش ڀلائي ۾ پڻ امداد ورهائيندا، گورنر پنجاب بليغ الرحمان ۽ وڏو وزير مرادعلي شاهه  بعد ۾ سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز جي مزار تي به حاضري ڀريندا.