لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جي ڪومبنگ آپريشن ۾ 8 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا. ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ ڪومنگ آپريشن ڪندي پابندي مڙيل تنظيم سان واسطو رکندڙ 8 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سي ٽي ڊي ترجمان موجب 7 ڏينهن دوران پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ 387 ڪومبنگ آپريشن ڪيا ويا، ڪارروائي دوران 8 مبينا دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو. رپورٽ موجب دهشتگردن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو ۽ آپگھات جيڪٽ ٺاهڻ جو سامان هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. پوليس موجب سمورن جوابدارن کي جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڪوهاٽ مان پابندي پيل تنظيم جا 2 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا، سي ٽي ڊي موجب ڪوهاٽ ۾ ڪارروائي ڪري پابندي پيل تنظيم جي ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي، دهشتگرد طارق جي سر تي 20 لک رپيا قيمت رکيل هئي، جڏهن ته عبدالوهاب جي سر تي 5 لک قيمت رکيل هئي، ٻنهي دهشتگردن کي حراست ۾ وٺي جاچ ڪري رهيا آهيون.