ماسڪو (م ڊ) روس هاڻي يورپ تي گيس فراهم ڪندڙ نارڊ اسٽريم پائپ لائين ۾ ڌماڪي جو الزام برطانيا تي هنيو آهي. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب روسي دفاع کاتي پاران نارڊ اسٽريم پائيپ لائين ڌماڪن ۾ برطانيا جي ملوث هجڻ جو الزام لڳايو آهي ۽ انهن حملن کي ”دهشت گردي“ جو نالو ڏنو آهي. روسي دفاع کاتي جو چوڻ آهي ته نارڊ اسٽريم گيس پائيپ لائين ڌماڪن ۾ برطانوي بحريا جا ماهر ملوث آهن. روسي دفاع کاتي موجب برطانوي رائل نيوي حملي جي رٿابندي، سپورٽ ۽ عملدرآمد ۾ حصو ورتو. ٻئي پاسي برطانيا ڌماڪن ۾ برطانوي بحريا جي ملوث هجڻ جو الزام رد ڪيو آهي. برطانوي دفاع کاتي جو چوڻ آهي ته ڌماڪن ۾ برطانوي بحري اهلڪارن جي ملوث هجڻ جا روسي الزام غلط آهن، يوڪرين تي غير قانوني حملن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ روس اهڙيون غلط دعوائون ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته بحريا بالٽڪ ۾ روس کان يورپ ويندڙ گيس سپلاءِ ڪندڙ نارڊ اسٽريم گيس پائپ لائن ۾ 26 سيپٽمبر تي ڌماڪا ٿيا هئا.