گوجره ۾ موٽروي تي ناري سان جنسي زيادتي، جوابدار گرفتار

0
248
پنھنجون تصويرون موڪليون

ڪراچي: پنجاب جي علائقي گوجره ۾ موٽروي تي ناري سان جنسي زيادتي جي ڪيس ۾ هڪ جوابدار گرفتار، پوليس جو چوڻ آهي ته ٽوبا ٽيڪسنگ واسي ناري کي نوڪري جو ڏٽو ڏئي گوجره گهرايو ويو، جوابدارن موٽروي تي ڪار ۾ ناري کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، جنهن بعد ناري کي فيصل آباد انٽر چينج وٽ اُڇلي فرار ٿي ويا

ھي به پڙھندا

لاھور: رڪشا ڊرائيور ۽ سندس ساٿي جي عورت ۽ ڌيءَ سان مبينا زيادتي

واقعي وقت ڪار ۾ هڪ ناري سوڌو 3 جوابدار سوار هئا، جوابدار ناري متاثر ناري کي ميسيج ڪري گهرايو هو، گرفتار جوابدار کان جاچ ۽ ٻن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري، پنجاب جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او فيصل آباد کان رپورٽ طلب ڪري ورتي  آھي.

 

ھي به پڙھندا

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ 2 عورتن سان مبينا زيادتي جا واقعا