لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ طرفان ڏهين جماعت جي سالياني امتحانن جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي ڪنٽرولر طرفان جاري ڪيل نتيجن موجب سائنس ۽ جنرل گروپ جي سالياني امتحانن ۾ لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ سان واسطو رکندڙ مجموعي طور 49648 اميدوارن حصو ورتو، جن مان 44663 پاس ۽ 4419 فيل ٿيا آهن. اهڙي طرح سائنس گروپ جي اي ون گريڊ ۾ 7079، اي گريڊ ۾ 14323، بي گريڊ ۾ 13424، سي گريڊ ۾ 6892، ڊي گريڊ ۾ 1813 ۽ اِيي گريڊ ۾ 23 اميدوار پاس ٿيا آهن جڏهن ته ساڳي ئي گروپ ۾ 23 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪرڻ سان گڏ فيس جمع نه ڪرڻ ۽ ڪاغذ مڪمل نه ٿيڻ تي 194 اميدوارن جا نتيجا روڪيا ويا آهن. ڏهين جماعت جي جنرل گروپ جي اي ون گريڊ ۾ ڪو به اميدوار پاس نه ٿيو، اي گريڊ ۾ 45، بي گريڊ ۾ 339، سي گريڊ ۾ 472، ڊي گريڊ ۾ 248، اِيي گريڊ ۾ 3 اميدوار پاس ٿيا آهن. جڏهن ته ساڳي ئي گروپ ۾ 2 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪندي 341 اميدوارن طرفان فيس جمع نه ڪرڻ تي انهن جا نتيجا روڪيا ويا آهن. واضع رهي ته ڪورونا وبا سبب تعليمي بورڊ طرفان ڏهين جماعت جي سالياني امتحانن ۾ پروموٽ پاليسي لاڳو ڪئي وئي جنهن جي ڪري ڪو به شاگرد پوزيشن ماڻي ڪو نه سگهيو هو.