اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ 2 عورتن سان مبينا زيادتي جا واقعا

0
169
عورتن سان مبينا زيادتي جا واقعا
اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ 2 عورتن سان مبينا زيادتي جا واقعا

وفاقي راجڌاني اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ 2 عورتن سان مبينا زيادتي جا وقعا پيش آيا آھن.

ترجمان اسلام آباد پوليس موجب اسلام آباد ۾ پمز اسپتال جي پارڪنگ ۾ ڇوڪري کان مبينا زيادتي ڪئي وئي.

متاثر ٿيل عورت جو چوڻ ھو تھ آچر جي شام ڪم تان واپسي تي گھر ويندي ڪار سوار لفٽ ڏني ۽ پستل جي زور تي  اسپتال جي پارڪنگ ۾ وٺي ويو ۽ زيادتي جو نشانو بڻايو.

پوليس ترجمان موجب متاثر ٿيل ڇوڪري جو ميڊيڪل ڪرايو ويو آھي ۽ ڪيس بھ داخل ڪيو ويو آھي.

ترجمان جو چوڻ آھي تھ ملزم جي گرفتاري جي لاءِ پوليس ٽيمون ڇاپا ھڻي رھيو آھن.

ٻئي پاسي روالپنڊي جي علائقي ريس ڪورس ۾ بھ ھڪ عورت سان مبينا زيادتي جو واقعو پيش آيو.

پوليس ذريعن موجب آصف نالي شخص عورت کي لاھور مان نوڪري جو ڏٽو ڏئي راولپنڊي گھرايو.

ذريعن جو چوڻ آھي تھ ملزم خاتون کي پنڊي جي نجي ھوٽل ۾ رھائي زيادتي جو نشانو بڻايو.

پوليس موجب ستي پوليس آفيزر (سي پي او) راولپنڊي واقعي جو نوٽيس وٺندي ملزم جي گرفتاري جي ھدايت ڪئي آھي. پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي.