گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ)گهوٽڪي ڀرسان بلا برادريءَ ۾ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو مير يحييٰ خان بلو جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو. ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي طور 89 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. گهوٽڪي ڀرسان لال پير ٻيلي ۾ 4 ڏينهن اڳ بلا برادريءَ جي ٻن ڌرين جان محمد بلو ۽ غلام محمد بلو وچ ۾ ڪارنهن جي تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۾ ٽن ڄڻن گلزار بلو، خميسو بلو ۽ عابد بلو جي مارجڻ ۽ 4 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ واري معاملي جو مير يحييٰ خان بلو جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿي گذريو. ڌرين جي ڳالهين ٻولهين دوران جان محمد بلو جي ڌر مٿان ٻن ڄڻن گلزار بلو ۽ خميسو بلو جو قتل ثابت ٿيڻ تي 62 لک رپيا، جڏهن ته غلام محمد بلو جي ڌر مٿان عابد بلو جو قتل ۽ دودائي بلو سميت چئن ڄڻن کي زخمي ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 27 لک رپيا ڏند وڌو ويو. ڏنڊ جي رقم مان 10-10 لک رپيا ٻئي ڌريون سومر ڏينهن ادا ڪنديون، جڏهن ته بقايا ڏنڊ جي رقم جنوري 2022 جي پهرين هفتي ۾ ڌريون هڪ ٻئي کي ڏينديون. جرڳي جي فيصلي بعد ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويون. ٻنهي ڌرين جي ماڻهن کي پاڻ ۾ ڀاڪر پارائي خير جي دعا گهري وئي.