گوانٽانامو جيل مان 17 سالن کانپوءِ آزاد ڪيل پاڪستاني شهري وطن پهچي ويو

0
164

اسلام آباد: آمريڪا پاران گوانٽانامو بي جيل مان 17 سالن کانپوءِ آزاد ڪيل پاڪستاني شهري سيف الله پراچا وطن واپس پهچي ويو

سيف الله پراچا کي اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ ٻين گهربل پاڪستاني شهرين سميت آمريڪا جي حوالي ڪيو ويو هو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان کي خوشي آهي ته پرڏيهه ۾ قيد هڪ پاڪستاني اڄ پنهنجي خاندان سان گڏ آهي

پرڏيهي وزارت سيف الله پراچا جي وطن واپسي ممڪن بڻائڻ لاءِ هڪ وڏي انٽر ايجنسي پروسيس کي سرانجام ڏنو