عمران خان فيصل واوڊا کي پارٽيءَ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي

0
139
القادر ٽرسٽ جو ماسٽرمائينڊ فيض حميد آهي: فيصل واوڊا
القادر ٽرسٽ جو ماسٽرمائينڊ فيض حميد آهي: فيصل واوڊا

اسلام آباد: عمران خان فيصل واوڊا کي پارٽيءَ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي، فيصل واوڊا جي پارٽي رڪنيت ختم ڪئي وئي

پي ٽي آءِ پاران عمران خان جي صحيح سان بنيادي رڪنيت ختم ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي

 نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته فيصل واوڊا پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي تي شوڪاز نوٽيس جو جواب نه ڏنو تنهن ڪري سندس رڪنيت ختم ڪئي وئي آهي

فيصل واوڊا ڪجهه ڏينهن اڳ عمران خان جي لانگ مارچ ۽ بيانيي خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي هئي