حڪومت عمران خان سان ڳالهين واري امڪان کي رد ڪري ڇڏيو

0
181
عمران خان سان ڳالهين واري امڪان
حڪومت عمران خان سان ڳالهين واري امڪان کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: حڪومت عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻ واري امڪان کي رد ڪري ڇڏيو، وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته روڊ رستن تي ڳالهيون نه ٿينديون آهن، ڳالهيون فتنو پکيڙيندڙن نه پر سياستدانن سان ٿينديون آهن
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿيندي، گاريون ڏيندڙ ۽ ادارن خلاف ڳالهائيندڙ شخص سان ڳالهيون ٿي نه ٿيون سگهن
هن چيو ته عمران خان آرمي چيف کي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي آڇ ڪري پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪئي، هن آرمي چيف جي مقرري کي ڪاروبار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي
پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري اڄ حڪومت کي مشروط ڳالهين جي آڇ ڪئي هئي
لاهور جي شاهدره چوڪ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته حڪومت سان سنجيده ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پهريون شرط چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ آهي
فواد چيو هو ته توهان مارچ يا اپريل ۾ اليڪشن جو اعلان ڪيو ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون

ھي به پڙھندا

لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ سازشون تيار ڪيون ويون آهن: عمران خان

عمران خان فيصل واوڊا کي پارٽيءَ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي